ميڊيا يا پريس کي رياست جو ٿنڀ قرار ڏنو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سماجي چرپر ۽ سياسي هلچل جي ميدان تي ڇا پيو وهي واپري اهو نه صرف ڏيکارڻ پر ان تي درست تجزيو ڪري ماڻهن جي سياسي، سماجي ۽ علمي شعور جي سطح وڌائي مثبت رخ ڏانهن پيش قدمي ان جي ذميواري هجي ٿي. جڏهن ساڳي ميڊيا جا ذريعا پنهنجي ڪنهن به مفاد تحت ان جي ابتڙ ڪرڻ شروع ڪن ته ان کي زرد صحافت سڏجي ٿو. ڪجه اهڙو ئي مظاهرو تڏهن ڏسڻ ۾ آيو جڏهن ڪراچيءَ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان ڏنل آزادي مارچ جي سڏ تي لکين ماڻهن گڏ ٿي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيو ته اسين سنڌي پرامن ۽ صوفي آهيون. گذريل سٺ سالن کان پاڪستان جي اندر سنڌ سان ويساه گهاتيون ٿينديون رهيون آهن ۽ سنڌ جي سموري پيداوار پنجاب مختلف حيلن بهانن سان ڦٻايو وڃي ٿو. تنهنڪري سنڌ دنيا کي دانهن ڏيئي رهي آهي ته اهڙي زيادتين کان ڇوٽڪاري لاءِ سندن مدد ڪئي وڃي.
ان وقت ميڊيا جي ڪيترن ئي ادارن ۽ صحافين جا چهرا وائکا ٿي پيا. نام نهاد قومي ميڊيا جي ذريعن يعني ٽي ويز ۽ اخبارن لکين ماڻهن جي ڪراچيءَ گڏجڻ جي رڳو خبر به نه هلائي. ڪن اخبارن ۽ ٽي وي چينلن ان آزادي مارچ جي خبر بجاءِ اهڙيءَ طرح خبرون پيش ڪيون جنهن مان اهو ظاهر ٿيو ته ان ڏينهن ڪراچيءَ ۾ جسقم جي جلسي ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي. يعني اصل خبر جي جهلڪ به نه ڏني وئي. ڪجه اخبارن جلسي جو هڪ کن فوٽو شايع ڪري جان ڇڏائي. خبر جي اهميت گهٽائڻي هجي ته ان جا ڪيترائي طريقا ٿي سگهن ٿا مثال طور انگريزي اخبارن ان مارچ کي ”آزادي مارچ“ ڪري لکيو ته ٻئي طرف اردو اخبارن ان کي ”فريڊم مارچ“. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ڪيئن نه آزادي مارچ جي اصل مقصد کي پيش ڪرڻ کان نٽايو ويو. ان کان علاوه بي بي سي اردو ۽ وائس آف آمريڪا جي ويب سائٽس ۽ ريڊيو سنڀاليندڙ غير سنڌين به اهو ساڳو لڪاءَ ڪيو. بي بي سي ويب سائٽ خبر شايع ڪرڻ وقت فوٽوءَ جي هيٺيان لکيو ته سنڌ ۾ جلسا ڪرڻ بعد ڪراچي ۾ جسقم جو پهريون ”آزادي مارچ“ جنهن مان اهو واضع پيغام ڏنو ويو ته ڪراچي، سنڌ کان الڳ خطو آهي.
ٻئي طرف سنڌي ميڊيا به قومي تحريڪ ڏانهن پنهنجي روايتي سرد مهري وارو رويو برقرار رکيو. جنهن ۾ سڀ کان اڳرا سنڌي ٽي وي چينل هئا. جن لکين ماڻهن جي ان جلسي کي براه راست ڪوريج نه ڏني ۽ ميار پوري ڪرڻ ڪاڻ بنا آواز جي چند منٽن لاءِ وڊيوز ڏيکاريا ويا. سنڌ واسين کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته سنڌ جي بدناميءَ وارن اشوز تي ساڳي سنڌي ميڊيا ڪهڙو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. سلطان راهيت ڊراما ۽ ولگر شاعريءَ سان ڀرپور گيت پيش ڪري دنيا کي ٻڌايو ويندو آهي ته سنڌي ههڙا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ به ڪارو ڪاري واقعو ٿيندو آهي يا ڪنهن پريمي جوڙي جي خبر هوندي آهي ته نه صرف ان جي ڀرپور نموني خبر ڏني ويندي آهي بلڪه حالات حاضره ٽائپ پروگرامن ۾ ان ئي ڳاله کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويندو رهيو آهي. ان ڳاله لاءِ افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو جو سنڌ جي شعوري جدوجهد ۽ خوشحال مستقبل لاءِ ڪيل جاکوڙ کي اهڙين خبرن کان به گهٽ حيثيت ڏئي پيش ڪيو ويو.
جتي اردو صحافين خبرن ۽ تجزين ۾ سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آهي اُتي پنهنجن مان ڪجه صحافي ڀائرن به اهڙي ئي ادا جو مظاهرو ڪيو آهي. اعجاز مهر، بي بي سيءَ لاءِ لکيل پنهنجي هڪ تجزيي ۾ لکين سنڌي ماڻهن جي گڏ ٿيڻ کي اقتدار جي گندي سياست سان زوري وڃي ڳنڍيو. سندس چوڻ هو ته ان جلسي کي آصف زرداريءَ جي خفيه حمايت حاصل هئي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان زرداري اصل اقتدار ڌڻين ڏانهن اهو پيغام موڪلڻ پئي چاهيو ته سنڌ وفاق کان گهڻي ناراض آهي ۽ جيڪڏهن کيس يعني هڪ سنڌي صدر کي هٽايو ويو ته سنڌ ۾ آزاديءَ جي هلچل زور وٺي ويندي. اعجاز مهر اهڙو تجزيو ڪرڻ وقت اسلام آباد جي حلقن جو حوالو ڏنو. سڀني کي خبر آهي ته هڪ صحافي پنهنجي دل جي ڳاله ڪرڻ وقت ڪيئن نه نام نهاد حلقن جا حوالا ڏيئي پنهنجي ڳاله کي وزندار بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڇا اهو لکڻ وقت اعجاز مهر کان وسري ويو ته پ پ ۽ جيئي سنڌ ۾ اختلافن جي چاليه سالا ڊگهي تاريخ آهي. سائين جي ايم سيد تي ته ان حوالي سان هميشه الزام لڳندا رهيا هئا ته هو انتها درجي تائين پ پ جو مخالف آهي ۽ هن هميشه شهيد ڀٽي کي ”شو بوائي“ ڪري مخاطب پئي ڪيو. اعجاز جي سياسي تجزيي جي وائڙپ اتي به پڌري ٿئي ٿي، جڏهن سندس چيل ڳاله کي آصف زرداريءَ جي صدارتي ڪرسيءَ کي درپيش خطري سان ڀيٽجي ٿو ته ٻه مهينا اڳ تائين صدر آصف زرداري اقتدار جي منصب تي مزي سان ويٺل ڏسجي ٿو. ياد رهي ته جسقم طرفان آزادي مارچ جو اعلان اڄ کان ٻه اڍائي مهينا اڳ ڪيو ويو هو. اها ڳاله سمجهڻ آسان آهي ته اعجاز مهر پنهنجي تجزيي ۾ ڪيتري نه وڦل جو شڪار ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيري لوگر بل ۽ اين آر او جا مسئلا زرداري توڙي پ پ جي ڳچي ۾ پوڻ پوءِ جي ڳاله آهي. حالاڪه اها اڳ ۾ ئي ڄاڻ هئي ته اين آر او جو اشو نومبر جي مهيني ۾ وري اٿي کڙو ٿيندو پر ياد رهي ته ان وقت پ پ مطمئن هئي ته ايم ڪيو ايم سميت اڪثر ڌريون اين آر او مامري ته سندن ساٿ ڏينديون.
سنڌ جي قومي تحريڪ ڏانهن اها روش ڪا نئين ڳاله نه آهي. تازو عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ ڏانهن به اهڙن صحافين آڱريون کنيون هيون. چيو ويو ته قومپرست تڏهن ميدان تي ايندا آهن جڏهن پ پ جي جهمهوري حڪومت هجي. اهو چوڻ وقت مارشلائن يا ڊڪٽيٽرشپ جي دور ۾ ڪيل قومپرستن جي جدوجهد تي منڌيئڙو ڦيرايو ويندو آهي. ويجهي ماضيءَ جي ڳاله آهي جڏهن نواز شريف ڪالاباغ ڊيم جو معرڪو سر ڪرڻ جي ڳاله ڪئي هئي ۽ سڄي سنڌ مخالفت ۾ اٿي کڙي ٿي هئي. ان وقت اهي ئي قومپرست پارٽيون هيون جن روڊن رستن تي جدوجهد پئي ڪئي ۽ ڳجها ادارا سندن ڪارڪنن کي گم ڪندا ٿي رهيا. جنهن وفاقي پارٽيءَ جو بيجاءَ دفاع ڪيو ويندو آهي اهي ٿل ڪينال ۽ ڪالاباغ ڊيم جا رڳو ان وقت مخالف هوندا آهن جڏهن وٽن اقتدار نه هجي. اقتدار جي حاصلات کان پوءِ اهي ئي ٿل ڪينال جهڙن منصوبن لاءِ بجيٽ ۾ پيسا رکندا آهن.
قومپرست جماعتن تي ڀلي ڪهڙا به الزام لڳائي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، پر سج کي کاري هيٺيان نٿو لڪائي سگهجي. اسلام ۽ پاڪستان جي نالي سان هن ملڪ ۾ ننڍين قومن سان جيڪي ويساه گهاتيون ٿيون آهن. انهن کي سنڌ جي قومپرست ڌرين ئي وائکو ڪيو آهي. سٺ سالن کان رڳو ڏٽن ۽ دلاسن تي هلندڙ ملڪ سنڌ ۽ بلوچستان جي پيداوار تي صرف راتاها ئي هڻندو رهيو آهي. بلوچستان جي شهر ڪوئٽه ۽ سنڌ جي شهر ڪراچي کي ڌارين جي آمجگاه بڻائي گذريل ڪيترن ئي سالن کان اصل ڌرتي واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙن ظلمن جي خلاف آواز اٿارڻ وارن تي جيڪڏهن پنهنجن طرفان الزام لڳن ٿا ته آرام سان سمجهي سگهجي ٿو ته سندن سوچ جو محور ڪهڙي طرف جهڪاءَ رکي ٿو ۽ هو اهڙيون حرفتون هلائي ڪنهن کي خوش ڪرڻ گهرن ٿا.
_ جسقم جي 7 نومبر آزادي مارچ بابت مضمون
Subscribe to:
Posts (Atom)
Join The Community